ديسي 2

ديسي 2 (راڳڻي): آساوري ٺاٺ جي اوڍو سمپورن راڳڻي، جنهن جي آروهيءَ ۾ گنڌار ۽ ڌيوت جا سُر ورج آهن. امروهي سمپورن اٿس. رکب ۽ ڌيوت جي سنگت رهي ٿي. اترانگ ۾ آساوري ۽ پور وانگ ۾ سارنگ جا انگ نظر اچن ٿا. ڪي گائڪ ڌيوت ڪومل جي بجاءِ ڌيوت تيور هڻن ٿا.
هن راڳڻيءَ جي خاص تانِ سا- نا سا- ري- گا- ري سا – ما صا- پا رِي- ما- پا- گا- ري- ساري- نِا سا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو